اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پي??ن وڃن. اها ڳالهه هن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪرسمس جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ان موقعي تي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني، هن ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم ڪڇي جي اداري جي بهتري ل??ءِ ڪيل مخلصاڻي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان چيو ته اسل??م امن جو مذهب آهي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سڀني ل??ءِ مذهبي روايتن جي آزادي جو درس ڏي ٿو. هن پاڪستاني مسيحي برادري کي ملڪ جي ترقي ل??ءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي بشپ طارق جان چيو ته مسيحي براد??ي ملڪ جي خوشحالي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب جي انعقاد تي پي بي سي جو ٿورو ادا ڪيو. تقريب ۾ مسيحي برادري کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گيت به پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي ل??ءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.