اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هنگامي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچڻ لاءِ پاڪستان افغان عوام جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان جي ضرورت وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو، حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي، پاڪستان جي رستي افغان عوام کي امداد ڏيندڙ عالمي ادارن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ??يو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، صلاحڪارن شوڪت ترين ۽ عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يو??ف ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئ??. و??يراعظم چيو ته هنگامي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچڻ خاطر پاڪستان افغان عوام لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان کي ضرورت جي وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو. حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آه??. و??يراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي رستي افغان عوام کي امداد ڏيڻ وارن عالمي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن افغانست??ن ۾ هنگامي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان آچر تي او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خصوصي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان خصوصي اجلاس ۾ افغان عوام جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ انهن جي مدد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.