اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طاهر جاويد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ آمريڪا بزنس فورم جي چيئرمين حفيظ خان به ساڻس گڏ هو. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ??طر??ي لاڳاپن، معاشي سفارتڪاري سميت گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، آمريڪا سان ??طر??ي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، اسان جي حڪومت، معاشي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري لاءِ اي ويزا سميت ڪيتريون ئي اهم سهولتون فر??هم ڪري رهيو آهي. آمريڪي ڪمپنيون انهن مر??عتن مان فائدو کڻندي پاڪستان جي مختلف شعب?? ۾ ??يڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ملاقات ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان به خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ ڊيموڪريٽڪ اڳوڻ طاهر جاويد جي خدمتن کي ساراهيو. طاهر جاويد پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي کيس پاڪستان ۽ آمريڪا جي و?? ۾ ??قتصادي تعاون جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.