اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو ڇو ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آه??، پاڪستان ڪاروبار جا زبردست موقعا پيش ڪيا آه?? ۽ جاپاني ڪمپنيون معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، آٽوموبائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪاروباري دوستاڻي ماحول مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپا?? جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪونينوري مستودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ جاپا?? جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آه?? ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آه??. هن مهارت ۽ انساني وسيل?? جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون و??ائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جاپان حڪومت جي جي ڊي ايس اسڪالرشپ پروگرام ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت پاڪستا?? جي 20 شاگردن کي جاپاني يونيورسٽين ۾ گريجوئيٽ ڪورسز ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر آڪٽوبر 2019ع ۾ پنهنجي جاپا?? جي دور جو حوالوڏيندي چيو ته هن جاپا?? جي قيادت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن جاپا?? جي عالمي تعاون ايجنسي (JICA) ۽ جاپاني ڪمپني?? جي ڪردار کي به ساراهيو جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو، جاپاني سفير صدر کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ماهيگيري ۽ زرعي مصنوعات جو وڏو روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل آه??، جنهن ۾ چانور، کجور، تر، انب، گوار، سيانتا ۽ لُوڻ شامل آه??، هن ٻڌايو ته ٽوياٽا آٽوموبايل ڪمپني پاڪستان ۾ جديد ترين هائبرڊ ڪار?? جي تياري لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، ان کانسواءِ آٽوپارٽس بڻائڻ جي لاءِ ڪمپني?? جي مدد ڪندي، هن و??يڪ چيو ته جاپان اوساڪا 2025ع ايڪسپو منعقد ڪندي ۽ ايڪسپو ۾ پاڪستا?? جي شرڪت جي درخواست ڪئي آه??، هن چيو ته سال 2022ع پاڪستان ۽ جاپا?? جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپ?? جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائيندي، اميد آه?? ته ٻئي ملڪ مناسب طريقي سان سالگرهه ملهائيندا، صدر سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ جاپان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.