اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عم?? چيو آهي ته حضور ڪريم ??لي الله عليه وسلم جن جي اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿي اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي جي بهتري سان گڏوگڏ ??خرت کي به سنواري سگهون ٿا.
جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن عالم اسلام کي عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جون مبارڪون ڏيندي چيو ته تاريخ جي عظيم ??رين اڳواڻ نبي ڪريم ??لي الله عليه وسلم جن جي اسوه حسنه ۽ سندن تعليمات تي عمل پيرا ٿي اسان پنهنجي اجتماعي زندگي ۾ بهتري سان گڏو??ڏ پنهنجي آخرت کي به سنواري سگهون ٿا. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هيش ٽيگ وما ارسلنا الا رحمت اللعالمين به شيئر ڪيو.