اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان جي صورتحال، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، معيشت ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان ويجهو تعاون ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو اتفاق پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آمريڪي ??ائ?? پرڏيهي وزير وينڊي آرشرمن جي وچ ۾ پ??ڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو خواهشم??د آهي،آمريڪي پرڏيهي ??ائ?? وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پ??امن حل جي ضرورت تي زور ڏ??ند?? پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي ??ائ?? وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ ل??ءِ پاڪستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن ل??ءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري ل??ءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري ل??ءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ ل??ءِ پائيدار معيشت جي تعمير ل??ءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. پاڪستان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام ل??ءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو خواهشم??د آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فروغ ڏيڻ ل??ءِ ضروري آهي. آمريڪي پرڏيهي ??ائ?? وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي زور ڏ??ند?? پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پ??ئيدار امن ۽ استحڪام ل??ءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير آمريڪا پاران پاڪستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي ??ائ?? وزير وينڊي شرمين جو ٿورو ادا ڪيو.