لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معام??ن ۽ دفاعي ڪميٽين جي سربراهن لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي هائوس آف ڪامنز پرڏيهي معاملن بابت سليڪٽ ڪميٽي جو سربراهه ٽام ٽگن ڊاٽ ۽ ڊفينس ڪميٽي جو سربراهه ٽوبياس ايلووڊ ڪري رهيا هئا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي افغا??ست??ن جي اڀرندڙ صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته افغا??ست??ن جي حوالي سان پاڪستان ۽ برطانيا جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي، ٻئي ملڪ افغا??ست??ن ۾ امن قائم ڪرڻ چاهين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغا??ست??ن کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ عالمي برادري کي افغانين کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ عدم استحڪام سان افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا ڪَر کڻندا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن، بدترين گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارتي قابض فوج جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارتي آفيسرن جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، اسان آٺوس ثبوت دنيا آڏو رکي ڇڏيا آهن ته جيئن اها پاڻ انهن حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي. ٻطرفن ??اڳ??پن تي روشني وجهندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ويجها دوست ۽ پراڻا حصيدار آهن. هاڻي ??قت اچي ويو آهي ته پاڪ برطانيا اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ ??اڳ??پن کي اڳئين درجي تائين وڌايو وڃي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گڏيل ??اڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ فعال بڻائڻ ۽ اقتصادي ??اڳ??پن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي خدمتن کي بهتر طور تي استعم??ل ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.