اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ ڇنڇر ڏينهن ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ٿيندي، جڏهن ته سڀني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ به جهنڊو ڦڙڪائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويندا. قائداعظم جي مز??ر ۽ اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جون تقريبون به منعقد ٿينديون. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ خصوصي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو. جنهن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني شامل ٿيندا. هي اهو ڏينهن آه?? جڏهن پاڪستان 1947ع ۾ انگلستان کان آزادي حاصل ڪري وجود ۾ آيو، 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي قومي ڏهاڙي جي طور تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آه??، پاڪستاني عوام ان ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو هوا ۾ بلند ڪندي پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي آه??، پارليامينٽ هائوس سميت سڄي ملڪ جي اهم سرڪاري عمارتن تي چراغان ڪيو ويو آه??، انهن تقريبن کانسواءِ نه رڳو ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس سميت اهم عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن تي به قومي جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آه??، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرنٽ ميڊيا تي خصوصي اشته??ر ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ۽ ٽيلي ڪاسٽ ڪيا ويندا، سرڪاري طور تي آزادي جو ڏهاڙو انتهائي شاندار طريقي سان ملهائيندي اعليٰ عهديدار پنهنجي حڪومت جي ڪا??يابين ۽ بهترين حڪمت عملين جو ذڪر ڪندي پنهنجي عوام سان اهو وچن ورجائيندا ته اسان پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بازي لڳائي به هن ملڪ کي ترقي ??ي راهه تي گامزن ڪنداسين ۽ سدائين پنهنجي اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جي قول ” ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي پاسداري ڪنداسين. 14 آگسٽ تي پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي موڪل هوندي، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واگها بارڊر تي جهنڊو ڦڙڪائڻ ??ي رنگارنگ تقريب به منعقد ڪئي ويندي، آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آه??، اسلام آباد جي سڀني روڊن تي قومي جهنڊن جي وڪري لاءِ اسٽالز لڳايا ويا آه??، جنهن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف قومي جهنڊن جي بهار نظر اچي رهي آه??، اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تياريون پنهنجي عروج تي آه??، پاڪستان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير جا جهنڊا به اسٽالز تي موجود آه??، سي ڊي اي پاران به قومي جهنڊا لڳايا ويا آه??.