ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته راندين جي سرگر??ين سان صحتمند مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي، عورت ڪ??ڪي?? رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ويمن ٽي – 20 ڪ??ڪي?? ٽورنامينٽ جي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر سيد ظهور آغا، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، راندين وارو سيڪريٽري عمران گچڪي به موجود هئا، صدر ٽورنامينٽ کي ويمن ايمپاورمنٽ ۽ ملڪ ۾ صحتمنداڻي سرگر??ين جي فروغ طرف اه?? اڳڀرائي قرار ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته راندين جي سرگر??ين سان صحتمنداڻي مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي. عورت ڪ??ڪي?? رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ويمن ڪ??ڪي??رز ملاقات ۾ ڪ??ڪي?? ليگ جي انعقاد تي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو.