پشاور – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي پر بدقسمتي سا?? قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ڪنهن قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، هو پشاور جي علائقي ريگي للمه ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ رهائشي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي موجوده لهر فليٽ ٿي چڪي، احتياط جاري رکيو ته سياحت سميت سمورا شعبا کلي ويندا، حقيقي فلاحي رياست جي حوالي سا?? مديني جي رياست جي مثال اسان جي سا??هون آهي ته ڪهڙي طرح رسول ﷺ مديني جي رياست کي سڄي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻايو، هن چيو ته اهو ئي معاشرو هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ته ملڪ ۾ قا??ون سڀني لاءِ برابر هجي، انصاف تي ٻڌل معاشري قائم ٿئي ۽ قا??ون جي سا??هون غريب ۽ امير ۾ ڪو فرق نه هجي، وزيراعظم چيو ته هو ملڪ کي 2 بنيادي اصولن تحت اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هڪ قا??ون جي بالادستي ۽ ٻيو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيڻ جڏهن ته ان سا?? گڏ ئي معاشري جي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ سندس اولين هدف آهي. هن چيو ته پشاور ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ فليٽس جو منصوبو 2011ع کان ان لاءِ رڪيل هو ته اهو غريبن لاءِ بڻجي رهيو هو، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت ??يتوڻيڪ غريبن جي ڀلائي ۽ ترقي کي اوليت ڏيندي آهي ان لاءِ ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو آهي، هن چيو ته سندس ڌيان ڪمزور طبقي کي م??ي کڻڻ تي آهي ۽ هو ان حوالي سا?? ڪم کي تيزي سا?? اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن جو نه پر قوم جي مستقبل جي لاءِ سوچيو آهي، پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي آهي، پنج سا??ن کانپوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور طبقي کي اسان ڪيئن م??ي کنيو آهي، خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آءِ کي ٻي مدت لاءِ ان لاءِ چونڊيو ته عالمي ادارن جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا واحد صوبو آهي جتي غربت ۾ تيزي سا?? گهٽتائي آئي آهي ۽ انساني ترقي تي ڪم ٿيو آهي، هن چيو ته اهي ڪرپٽ سياستدان جيڪي پڇندا هئا ته نئون پختونخوا ڪٿي آهي اهي ڏسي وٺن اسان جي ڪارنامن جي تصديق عالمي ادارا ڪري رهيا آهن.