مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي جاري ڪم جو جائزو ورتو، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جرل (ر) مزمل حسين من??وبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. مهمند ڊيم جو ??نگ بنياد وزيراعظم عمران خان 2 مئي 2019ع ۾ رکيو هو، مهمند ڊيم درياءُ سوات تي قبائلي ضلعي مهمند ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي، اهو گهڻ مقصد من??وبو ٻوڏ جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت ۽ شهري ضرورتن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ، سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو. ٽي سئو نو ارب کان وڌيڪ (309.6) ارب روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ مهمند ڊيم جي اونچائي 213 ميٽر هوندي جنهن ۾ 1.293 مل??ن ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي ۽ 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.