اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خانداني منصوب??بن??ي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کات?? ۽ ??بادي جي ڀلائي واري کات?? جو تعاون لازمي ??هي، آبادي جي ڀلائ?? ۽ ??حتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي صوبي ۾ آبادي جي ڀلائي ۽ مائرن جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خانداني منصوب??بن??ي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کات?? ۽ ??بادي جي ڀلائي واري کات?? جو تعاون لازمي ??هي، وڌندڙ آبادي معيشت، ما??ول??ات، صحت، تعليم ۽ سمورن شهرين جي زندگي جي معيار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آبادي جي ڀلائ?? ۽ ??حتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آبادي جي ڀلائي جي فروغ لاءِ وقت سر قانونسازي لازمي ??هي.