اسلام آ??اد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ليبيا سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو وڏو قدر ڪري ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ?? ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خو??هش??ند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليبيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) رشاد جاويد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ليبيا سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ?? ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، نامزد سفير ليبيا سان واپاري لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري.