اسلام آباد ?? 16 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان قومي اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪميٽي جي ميمبر نورين فاروق ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين ملڪ محمد احسان الله ٽوانه، ڄمون ڪشمير خودمختياري موومينٽ جو چيئرمين راجا رجاوت ۽ ڪشمير ڪائونسل جو ميمبر يونس مير پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آل پارٽ??ز پارلياماني گ??وپ قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پارلياماني گ??وپ ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.