لڪسمبرگ – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪ??ميري انساني حقن جي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي جو معاملو يورپي يونين آڏو اٿاريو آهي. ان سلسلي ۾ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير ظهير اي جن??وعه يورپي پارليامينٽ ۾ سياسي گروپ جي سربراهه ۽ يورپي يونين جي انساني حقن بابت جي خصوصي نمائندي کي هڪ خط لکيو آهي. پاڪستان يورپي يونين تي زور ڏنو آهي ته اه?? ڀارت جي بدنام زمانه تهار جيل ۾ قيد ڪشميري انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي جي فوري آزادي جي لاءِ مداخلت ۽ عدالت پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي خطري کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.