ڪراچي – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پ??ڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق کي خراج ع??يد?? پيش ڪندي چيو آهي ته هو ٻين جي لاءِ جيئندو هو ۽ سدائين ٻين ۽ خاص طور تي پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ عوام جي حقن لاءِ وڙهندو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نعيم الحق جي رهائشگاهه تي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.