اسلام آباد – 25 ج??وري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نجي ٽي وي جي ڪئميرامين فياض علي جي لاڏاڻ?? تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو، مرحوم جي گه??وا??ن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آ??يون، وزيراعظم جي هدايت تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ۽ انهن جي دادرسي جي لاءِ هتي آئي آهيان، ميڊيا هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو سڀني جي خبر رکي ٿو پر ان جي خبر ائين نه ٿي ورتي وڃي جيئن وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي مارجي ويل ڪئميرامين فياض جي گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه اچڻ ۽ گهرڀاتين سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.