لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ في??ٽ چيڪنگ جي مڪينزم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي فائدن سان گڏ خطرا به موجود آهن، ??حا??ت بنيادي طور تي عوام جي ڄاڻ جي حق جو دفاع ڪرڻ آهي، مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻي ڪيترائي ڪم ڪيا پيا وڃن، ڊيجيٽل دور جي سنگين خطرن کي جانچڻ ضروري آهي. اها ڳالهه هن يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اهتمام هيٺ ٻي انٽرنيشنل ميڊيا اينڊ ڪميونيڪشن ڪانفرنس کي خطاب ڪئي. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2024ع مختلف ملڪن ۾ چونڊن جو سال آهي جڏهن ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ وڏا چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته ??حا??ت جو بنيادي ڪم عوام جي ڄاڻ جي حق جو دفاع ڪرڻ آهي. هن ميڊيا انڊسٽري تي زور ڏنو ته اها ذميواراڻي ??حا??ت کي فروغ ڏ??ڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ عوامي مفاد?? جي تحفظ کي يقيني بڻائي. هن چيو ته ڊيجيٽل دور جا چئلينجز به وڏا آهن، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ٽيڪنالاجي جي ارتقا سان جتي فائدا ٿيا اتي آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ في??، وائيس ڪلوننگ ۽ مس انفارميش?? جي خطرن ۾ به اضافو ٿيو جيڪو موجوده دور ۾ جمهوريت، اظهار راءِ جي آزادي ۽ ??حا??ت جي آزادي کي درپيش خطرن مان هڪ وڏو خطرو بڻجي سامهون آيو آهي. هن چيو ته ميڊيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي جا جتي فائدا موجود آهن اتي خطرا به آهن. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ ٽرولز فارم شروع ٿيا جن کي هاڻي انسان?? جي به ضرورت نه آهي، آرٽيفيشل انٽيلي جنس هڪ وڏو هٿيار بڻجي سامهون آيو آهي جنهن سان اهو ممڪن آهي ته تمام گهٽ خرچ ۾ مصنوعي ٽيڪسٽ، مصنوعي آواز ۽ مصنوعي وڊيوز تيار ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته ??حا??ت جو بنيادي اصول ۽ تنظيمي ڍانچو گيٽ ڪيپر جو نظام آهي جنهن ۾ في??ٽ چيڪنگ ۽ حقيقت?? جي تصديق ا?? جي روح ۾ شامل هئي جڏهن ته نئين ميڊيا ان گيٽ ڪيپر جي نظام کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي جنه?? جي ڪري هاڻي ماڻهن تائين سچ آڻڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل دور جي سنگين خطرن کي جانچڻ ضروري آهي، ان ڏس ۾ ويريفڪيشن ليبارٽريز ٺاهڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته نيوز رومز کي حقيقت?? جي جان?? جي لاءِ ڊپارٽمينٽس ٺاهڻ گهرجن.