اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم نوجوانن جي روزگار لاءِ نيشنل جا?? پورٽل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيشنل جا?? پورٽل سان نوجوانن کي سڄي ملڪ ۾ نوڪرين جا موقعا ميسر ايندا. بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان خاص صلاحڪار عثمان ڊار ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص معاون عثمان ڊار ڪامياب جوان پروگرام بابت بريفنگ ڏني.