ڪراچي – پهري?? آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، گورنر هائوس مان جاري بيان موجب ملاقات س?? پيڪ تحت س??ڌ صوبي ۾ جاري منصوبن، انهن ج?? جلد کان ج??د تڪميل تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي، ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جي لاءِ چيني سيڙپڪاري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي?? ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جا ٻيا معاملا به غور هيٺ آيا.