اسلام ??باد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان ويزن اصل ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جو اهم سنگ ميل آهي، موجوده حڪومت نه رڳو عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر قرضن ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ انقلابي قدم کڻ?? رهي آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب هن اها ڳالهه انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪم??ون??ڪشن واري وزارت تحت ??ون??ورسل سروس فنڊ پاران جاز ۽ يو فون کي ڏنل پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪند?? چئي. معاهدي تي يو ايس ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حارث ??حمود چوڌري، يو فون جي سي اي او راشد خان ۽ جاز جي سربراهه عامر ابراهيم صحيحون ڪيون.