اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ت??ڪي??َ جي صدر رجب طيب اردوان صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي ??ئي ??ڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪووي?? 19 ??المي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ??لڪن کي ڪووي?? 19 ??ي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ تي ت??ڪي??َ جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ت??ڪي??َ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.