اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالح??يظ شيخ ملاقات ڪئي ??هي ۽ کيس واپاري برادري جي لاءِ معاشي پئڪيج ۽ احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام سميت ٻين معاملن تي بريفن?? ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ناڻي واري صلاحڪار وزيراعظم کي ٺوس معاشي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو اعلان حڪومت واپاري برادري، ايس ايم ايز ۽ عوام جي مدد لاءِ ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي قرض ملتوي ڪرڻ، نوان قرض سبسڊي تي ڏيڻ، ٽيڪس ري فنڊ ذريعي روڪ رقم جي منتقلي، سماجي تحفظ جي احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.