اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ هائوس ۾ فلسطين جي اڳوڻ?? وزيراعظم اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ا??ا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاق?? وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳوڻ?? وزيراعظم ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان، عامر ڊوگر سميت مختلف سياسي پارٽين سان تعل?? رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس جي جامع مسجد جي خطيب مفت حمد الرحمان پڙهائي. ان موقعي تي اسماعيل هنيه جي روح جي ايصال ثواب ۽ فلسطين جي آز??دي، فلسطيني عوام کي درپيش مسئلن جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي.