اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وز??ر شيخ عبدالله زايد النهيان ۽ دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن راشد المڪتوم کي نائب وز??راعظم مقرر ٿيڻ تي کين مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وز??ر شيخ عبدالله زايد النهيان کي نائب وز??راعظم مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ??ني. جڏهن ته وز??راعظم دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن راشد المڪتوم کي امارات جو نائب وز??راعظم ۽ دفاع وارو وز??ر مقرر ٿيڻ تي پڻ دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني آهي. وز??راعظم انهن مقررين تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي اڳواڻن جي نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خوا??ش جو اظهار ڪيو آهي.