بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان چين ??ي دوري دوران شو گوانگ جي ميئر ??ائ?? تيان بائو بيجنگ ۾ ملاقات ڪئ??. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ۾ پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا ۽ انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، زراعت، آءِ ٽي ۽ کاڻين ??ي کوٽائي ??هڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف موقعن تي روشني وڌي. هن چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مينوفيڪرچنگ يونٽس لڳائڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ميئر ??ائ?? تيان بائو شو گوانگ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زراعت، کاڻين ??ي کوٽائي ۽ توانائي ??ي شعبن ۾ لاڳاپن ۽ تع??ون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.