اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي ??مل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ان حوالي سان هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، وزيراعظم ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي ??هم منصوبن تي ڪم جي ??فتار تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي جي قيادت ۾ بلوچستان حڪومت جي وفد شرڪت ڪئي. وفد ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو صوبائي وزير ظهور احمد بليدي، ناڻي وارو صوبائي وزير شعيب نوشيرواني، ماهيگيري وارو پارلياماني سيڪريٽري حاجي ??رڪت رند، صوبائي اسيمبلي ميمبر مير رحمت صالح بلوچ، حاجي محمد خا??، زمرڪ خا?? اچڪزئي ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر شامل ??ئا. اجلاس ۾ بلوچستان صوبي جي ??نتظامي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي ??رڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ صوبو آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي قيادت ۾ نئين صوبائي ڪابينا صوبي جا مسئلا حل ??رڻ ۽ ان کي ترقي جي ??اهه تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته بلوچستان جي ??وام جي ڀلائي اسان جي ??ولين ترجيح آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزيراعظم بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي ??مل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو ته زرعي ٽيوب ويلن جي ??مسي توانائي تي منتقلي جي ??والي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته زرعي ٽيوب ويلن جي ??مسي توانائي تي منتقلي تائين بلوچستان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ ڪئي وڃي ته جيئن فصلن ۽ باغن سان زرعي پيداوار متاثر نه ٿئي. وزيراعظم ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي ??هم منصوبن تي ڪم جي ??فتار تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته صوبي جي نوجوانن کي تعليم ۽ نوڪرين جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن بلوچستان جي ??وام ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ڪندي رهي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واريو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خا?? ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.