اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي پار??ن فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان بهاماس، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، جميڪا ۽ بارباڊوس پار??ن فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي تازي اعلانن جي پڻ آجيان ڪريون ٿا. اهي تازا اعل??ن فلسطيني عوام جي انهن جي ختم نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ هڪ سنگ ميل آهن. هن چيو ته غزه جي نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ طرف وڌڻ جي سخت ضرورت تي زور ڏن?? آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته رياست لفسطين کي هاڻي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي وڏي اڪثريت تسليم ڪي?? آهي، تنهن ڪري هاڻي وقت اچي وي?? آهي ته فلسطين کي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ??نظ??من ۾ مڪمل ميمبرشپ فراهم ڪئي وڃي جيئن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پنهنجي تازي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته اس??ن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان انهن وڌندڙ عالمي جذبن جو مثبت جواب ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا.