واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي، ته اقتصادي سڌارن جي پروگ??ام ۾ معاونت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ آمريڪا کي پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو مليو آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن جي دوري دوران فرانس جي خابرو ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ ??يو. هن چيو ته هن وقت اڳ کان موجود 3 ارب ڊالرن جي ماليت جي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت پروگ??ام ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ان معاهدي جي 1.1 ارب ڊالرن جي حتمي قسط جو هن مهيني جي آخر ۾ منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي ماليت جي قرض پروگ??ام جي حوالي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل هونديون. هن چيو ته گذريل سال جي ابتڙ هن سال پاڪستان جي معيشت جي شروعات سٺي ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان نئين پروگ??ام جي امڪانن سان ئي مارڪيٽ جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن جي پروگ??ام لاءِ رابطو ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڍانچي وار سڌارن جي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ان پروگ??ام جي ضرورت آهي. هن چيو ته مئي جي ٻئي يا ٽين هفتي تائين آءِ ايم ايف پروگ??ام بابت بنيادي معاملن کي طئي ڪرڻ تائين پهچي وينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار آهي، آمريڪا هميشه خاص طور تي سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ان تحت چين بنيادي ڍانچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وسيع سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ جو هڪ سٺو موقعو آهي، رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن ۽ نجڪاري پروگ??ام جي سوال تي هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان اسان ايندڙ مهيني يا ان کان ڪجهه وڌيڪ عرصي ۾ امڪاني واڪ ڏيندڙن جي دلچسپي جي حوالي سان معلومات ملي ويندي ۽ اسان جي خواهش آهي ته ان عمل ??ي جون جي آخر تائين مڪمل ??يو وڃي. ايندڙ ٻن سالن ۾ نجڪاري جي پروگ??ام ۾ تيزي آڻينداسين. واضح رهي ته ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي دوري تي آهي.