لاهور – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي صو??تحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزارت جي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم کي پنه??جي آمريڪا جي اين??ڙ دوري بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير دوري دوران عالمي مالياتي اداري، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن سان پنه??جي طئي ٿيل ملاقاتن جي حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صو??تحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.