اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو ڪيو ۽ صحافين مان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ت?? نگران حڪومت آئين ۽ قانون ت??ت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن. هن چيو ته صحافي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظها?? راءِ جي آزادي جو اهم ٿنڀ آهن، صحافي معاشري جي لاءِ هڪ آئينو آهن، اهي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ت?? نگران حڪومت اظها?? راءِ جي آزادي جي تحفظ جي لاءِ پڻ قدم کنيا. ان موقعي تي صحافين پريس گيلري جو دورو ڪرڻ تي اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جا ٿورا مڃيا. هنن مرتضيٰ سولنگي جي اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان نگران حڪومت جي دور ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو.