اسلام ??باد – 08 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گ??هر اعجاز گهرو وزارت جي ڪنٽرول ر??م، سيف سٽي اسلام ??باد ۽ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو. گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام ??باد ۽ آءِ جي اسلام ??باد گهرو وزير سان گڏ هئا. ڪنٽرول ر??م تي آمد تي ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان گهرو وزير کي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گهرو وزير چيو ته س??ي ملڪ ۾ پولنگ جو عمل سٺي طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪو وڏو ناخوشگوار واقعو پيش ناهي آيو، ٽانڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس تي حملي ۾ هڪ جوان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پولنگ جي عمل جي ڪڙي نگراني جاري آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته س??ي ملڪ ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيندو. بعد ۾ گهرو وزير ڪامن ويلٿ جي آبزرور مشن جي سربراهه جوناٿن سان گڏ سيف سٽي اسلام ??باد جو دورو پڻ ڪيو جتي آءِ جي اسلام ??باد شهر ۾ امن امان ۽ پولنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي اسلام ??باد ٻڌايو ته اسلام ??باد ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪا شڪايت ناهي ملي.