ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت مل??ي ترق?? جي لاءِ لازمي آهي، ڪم ??ار وارين جاين تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو پنهنجو صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايمپلائيرز فيڊريشن آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گورنر هائوس ۾ مجيد عزيز جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي بزنس ڊس ايبلٽي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ بابت ٻڌايو. وفد پيشيواراڻي سيفٽي، صنفي برابري ۽ ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان فيڊريشن جي ڪردار بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي، معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت مل??ي ترق?? جي لاءِ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪم ??ار وار?? جڳهه تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو هڪ جهڙي طور تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪم ??ار وار?? جڳهه تي خصوصي ماڻهن جي شموليت ۽ ان حوالي سان شعور ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تازن سالن ۾ روزگار سان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. صدر چيو ته ڪم ??ار وار?? جڳهه تي هراسمينٽ جا خاتمي جا قانون ۽ بهتر ماحول روزگار سان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافي جو سبب آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي شعبي ۾ نوڪريون ۽ روينيو پيدا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، فيڊريشن انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي. صدر هنرمند افرادي قوت جي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ قبوليت جي لاءِ نيشنل اسڪلز پاسپورٽ پروگرام کي پڻ ساراهيو. هن معذور ماڻهن جي ورڪ فورس ۾ شموليت تي ڌيان ڏيڻ تي فيڊريشن جي ڪوششن کي ساراهيو.