اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جي پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي، وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون ان ذميواري کي ادا ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر قسم جي انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون ??وريون ڪنديون. اها ڳالهه هن سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽ مان منظور ٿيندڙ قرارداد نمبر 562 جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ کي لکيل خط به شيئر ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ مان منظور ٿيل قرارداد بابت اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي مشاورت سان 8 فيبروري 2024ع ت?? عام چونڊون ??نعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. اليڪشن ڪميشن امن امان جي بحالي لاءِ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ 2024ع جون عام چونڊون ??رامن انعقاد جي لاءِ ووٽرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جون ??دايتون ڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع ج?? عام چونڊون ??نعقد ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع ج?? عام چونڊن بابت عدالت ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ به جمع ڪرائي آهي. اي سي پي چيو آهي ته ماضي ۾ به عام چو??ڊو?? ۽ بلدياتي چو??ڊو?? سرديءَ جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن، انهن حقيقتن جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن جي لاءِ ان مرحلي تي 2024ع ج?? عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو.