اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي ??ير??لڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي لاءِ پرڪشش ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هو جرمني جي عالمي فوڊ هول سيلر، ميٽرو گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو سي اي او ڊاڪٽر اسٽيفن گروبل ۽ جرمني جو پاڪستان ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وفد صدر کي پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو ??هي. وفد ٻڌايو ته ميٽرو ڪمپني ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ڪارو??ار?? سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه ??هي. صدر پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي سيڙپڪاري کي ساراهيو.