ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڻڀرائپ کي لازمي قرار ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه آڊيٽوريم ۾ پاڪستان نيوي ان??نيئرنگ ڪاليج (پي ??ين اي سي) جي 35 هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمود ۽ ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل محمد سليم پڻ موجود هئا. ڪانووڪيشن دوران غيرملڪي شاگردن سميت مجموعي طور تي 368 گريجوئيٽس کي بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جون ڊگريون ڏنيون ويون. صدر شاگردن کي انهن جي شاندار ڪارڪردگي تي 39 ميڊلز سان پڻ نوازيو. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ڪندڙ صنعت کي معياري ان??نيئرز فراهم ڪرڻ ۽ تعليم جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پي ??ين اي سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ڏس ۾ پي ??ين اي سي جي ذميواري وڌيڪ و??ي وئي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نسٽ پي ??ين اي سي ملڪ جي موجوده ان??نيئرنگ جي ضرورتن کي پورو ڪندي ان??نيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو سڀ کان وڏو ادارو هجڻ جو اعزاز برقرار رکندو. صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏني ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ معاشري جو فعال ميمبر بڻجن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بدلجندڙ ترقي کان پاڻ کي باخبر رکن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن پار??ن ڊگرين جي تڪميل کي شاگردن جي لاءِ علم جا دروازا کولڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو ته انهن کي وڌ کان وڌ سکڻ گهرجي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ پي ??ين اي سي ڪموڊور توقير احمد خواجه ٻڌايو ته پي ??ين اي سي پنهنجي شاگردن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ ان??نيئرنگ جي بهترين تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڌيڪ اهو ته هن اداري م??ن فارغ ٿيندڙ شاگردن جي قومي ۽ عالمي سطح تي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي نوجوان ان??نيئرز کي تيار ڪرڻ جي لاءِ مختلف فورمز تي فراهم ڪيل موقعن تي روشني وڌي. تقريب ۾ فوجي ۽ سول معززين ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي والدين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.