اسلام آباد – 21 ?? ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن (آءِ او ايم) جي سربراهه ايمي پوپ ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس م??جب نگران پرڏيهي وزير انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن جي پاڪستان ۾ قابل قدر ڪم خاص طور تي 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ انساني امداد کي ساراهيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ آرگنائيزيشن فار مائيگريشن جي جاري منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران پرڏيهي وزير آئي او ايم جي مينڊيٽ جي ل??ءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.