اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ”عوام جي خودمختياري جو عالمي حق حا??ل ڪرڻ“ بابت پاڪستان جي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي. سڄي دنيا جي مختلف خطن سان تعلق رکندڙ ملڪن جي هڪ وڏي انگ قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ تعاون فراهم ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ماڻهن جي خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 1 ۽ شهري ۽ سياسي حقن ۽ اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن ??ابت معاهدن ۾ لکيل آهي. قرارداد ۾ غيرملڪي ق??صي?? نئين آبادياتي ڏاڍ ۽ محڪوميت تحت رهندڙ ماڻهن جي خودمختياري جو حق حا??ل ڪرڻ جي ل??ءِ غيرواضح حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. اها غيرملڪي قبضي، مداخلت ۽ جارحيت جي سختي سان مخالفت ڪري ٿ?? ۽ ان جي ذميوار رياستن کان مطالبو ڪري ٿ?? ته اهي اهڙيون ڪارروايون فوري طور تي بن ڪن. قرارداد ۾ ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته نئين آبادياتي ۽ غيرملڪي ڏاڍ تحت سمورن ماڻهن جي خودمختياري جو عالمي حق حا??ل ڪرڻ انساني حقن ??ي موثر ضمانت ۽ ان جي تحفظ ۽ فروغ جي ل??ءِ هڪ بنيادي شرط آهي. پاڪستان چار ڏهاڪن کان ان فليگ شپ قرارداد کي اسپانسر ڪري رهيو آهي. اهو ساليانو قدم ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطين سميت غيرملڪي قبضي جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل صورتحال ۾ رهندڙ ماڻهن جي ل??ءِ اميد جو پيغام فراهم ڪري ٿ?? جن کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي.