اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي کي برقرار رکڻ جي فيصلي کي سختي سان رد ۽ فيصلي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته ڀارتي عدليه فاشسٽ هندوتوا نظريي آڏو ڪنڌ جهُڪائي ورتو آه?? ۽ هو ڀارتي حڪومت جي حق ۾ فيصلا ڏئي رهي آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چي?? ته پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ج?? خاتمو برقرار رکڻ جو فيصلو سختي سان رد ڪري ٿو، اهڙي طرح جا فيصلا ڀارت جي والاريل ڪشمير تي قبضي کي قانوني حيثيت نٿا ڏئي سگهن ڇ?? ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آه?? جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايج??ڊا تي موجود آه??. صدر چي?? ته ڀارتي عدليه ڀارتي حڪومت جي لاءِ موزون فيصلا ڏئي رهي آه??، اهڙا فيصلا ڀارت جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي کي قانوني حيثيت نه ٿا ڏئي سگهن. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آه??، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايج??ڊا تي موجود آه??. صدر ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مذمت ڪندي چي?? ته ڀارتي عدالتن مان مسلمانن جي خلاف فيصلا ڏيڻ جي هڪ تاريخ آه??، بابري مسجد، سمجهوتا ايڪسپريس، حيدرآباد مڪه مسجد ڌماڪي ۽ 2002ع جي گجرات وڳوڙن دوران نرودوگام قل عام جا فيصلا ان جو مثال آه??. صدر چي?? ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت نه ٿو بدلائي سگهي، اهو فيصلو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف منصفاڻي جدوجهد جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن عالمي برادري تي زور ڏن?? ته اها ڀارت جي ماصي ۾ ڪشميري عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر چي?? ته پوري پاڪستاني قوم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آه??.