اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، اي??ان صدر مان فلسطين بابت جاري ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيهي وزارت پ??ران وضاح?? ڪئي وئي هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر جي فلسطين جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اي??ان صدر پاران جاري ٿيندڙ بيان بابت سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتراض ??اري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني چيو ته اي??ان صدر مان صدر جو جيڪو بيان جاري ڪيو ويو ان ۾ پرڏيهي وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳالهه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه رياستي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏيل قومن جي قرارداد 242 ۽ او آءِ سي جُون ق??اردادون آهن. جڏهن صدر جو بيان جاري ٿيو ته اسان کي به هڪ وضاحت جاري ڪرڻي پئي ۽ اها وضاحت اسان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ان وضاحت کي نه رڳو ملڪي پر غيرملڪي ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.