اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪمانڊر (ر) عابد حسين خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ بحريه جي ??يلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ??ين??ڙ سندس پٽ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثو??ب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ه?? گوادر ۾ پاڪ بحريه جي ??يلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ??ين??ڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ??الدين ۽ گهرڀاتين سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان گڏ تعزيت جي ??اءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قوم شهيدن جا مقروض آهيون، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثو??ب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.