??سل??م آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪامسٽيڪ نوبيل فيسٽيول جي انتظامي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ قازقستان ج?? سفير يرزهان ڪسٽافن به موجود هو. انتظامي ڪميٽي صدر کي قازقستان ۾ نوبل فيسٽيول جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نوبل فيسٽيول جو مقصد هر هڪ جي تعليم ۽ سائنس تائين پهچ آسان بڻائڻ آهي. نوبل فيسٽيول ۾ نوبل انعام يافته ماڻهن، سائنسدانن ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن. صدر ??سل??مي ملڪن ج?? وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قازقستان ج?? سفير چيو ته پاڪستان سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي خصوصي اهميت ڏيون ٿا. پاڪستان ۽ قازقستان ج?? وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطن ج?? قيام خوش آئنده آهي. صدر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ??سل??مي ملڪن ج?? وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪامسٽيڪ جي ڪوششن کي ساراهيو.