اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي 10 سالن جي تقريبن تحت پاڪستان ۽ چين ??طرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??فاهمت جي 6 ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. انهن معاهدن تي صحيحون وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ ??ڪ تقريب دوران ڪيون ويون. واضح رهي ته چين جو نائب وزيراعظم ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان اچي چڪو آهي. جتي هو سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبن ۾ شريڪ آهي. ان حوالي سان تقريب جو خصوصي اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيني نائب وزيراعظم، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ مختلف وزارتن جي اعليٰ عملدارن ۽ چين جي اعليٰ سطحي وفد شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سي پيڪ تي گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جي 11 هين اجلاس جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. اهو دستاويز 27 آڪٽوبر 2022ع تي 11 هين جي سي سي اجلاس جي فيصلن ۽ نتيجن تي ٻڌل هو. ان تي چين جي قومي ??رق?? ۽ سڌاراجاتي ڪميشن (اين ڊي آر سي) جي وائيس چيئرمين ڪانگ ليانگ ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال صحيحون ڪيون هيون. ٻين ??فاهمت جي ياداشتن ۾ سي پيڪ جي فريم ورڪ جي اندر ماهرن جي مٽاسٽا جو مڪينزم قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. ان مفاهمت جو مقصد ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ علم جي مٽاسٽا کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ??نصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ چين جي اين ڊي آر ايف جي وچ ۾ ماهرن جي مٽاسٽا جو طريقيڪار قائم ڪرڻ هو. ان جو مقصد چين ??اڪستان صلاحيت سازي جي تعاون جي لاءِ ??ڪري حمايت ۽ مشاورت حاصل ڪرڻ ۽ چيني ماهرن جي پاڪستاني حڪومت ۽ ڪاروباري ادارن سان گهرائي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو، جنهن ۾ چين جي تجربي جي حصيداري، چيني حل ۾ تعاون ۽ پاڪستان کي عالمي معيارن تي وڌيڪ وقت سر ۽ موثر طريقي سان پورو لهڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو. ان مفاهمت جي ياداشتن تي اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين ڪانگ ليانگ ۽ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ صحيحون ڪيون. پاڪستان مان چين کي خشڪ مرچن جي برآمد جي لاءِ ??ائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جي پروٽوڪول تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پروٽوڪول ۾ پاڪستان کان چين کي خشڪ مرچن جي برآمد جي لاءِ ??ائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ان پروٽوڪول جي صحيحون ڪندڙن ۾ چين جي ڪسٽمز جي جنرل ايڊمنسٽريشن پاران پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پينگ چنڪسو ۽ پاڪستان جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جو سيڪريٽري ظفر حسن هو. وڌيڪ اهو ته ايچ فيز 2 (ٿاڪوٽ – رائي ڪوٽ) پراجيڪٽ جي فزيبلٽي اسٽڊي فائنل رپورٽ کي ٻيهر جوڙڻ جي اعتراف بابت مفاهمت جي يادا??ت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ان دستاويز ۾ ايچ ايچ فيز 2 (ٿاڪوٽ – رائي ڪوٽ) پراجيڪٽ جي ٻيهر ترتيب جي لاءِ ??زيبلٽي اسٽڊي جي حتمي رپورٽ جي وصولي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ان دستاويز تي چين جي ٽرانسپورٽ واري وزارت پاران پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پينگ چنڪسو ۽ پاڪستان جي مواصلات واري وزارت جي نيشنل هاءِ ??ي اٿارٽي جي ميمبر پلاننگ مسٽر عاصم امين صحيحون ڪيون. آل چائنا فيڊريشن آف ٽريڊ يونينز ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاڪستان جي وچ ۾ سي پيڪ انڊسٽريل ڪوآپريشن جي دائري تحت مزدورن جي مٽاسٽا جي پروگرام کي مضبوط بڻائڻ بابت مفاهمت جي يادا??ت تي صحيحون ڪيون ويون ته جيئن مهارت جي لاءِ سي پيڪ منصوبن سان واڳيل افرادي قوت جي ايڪسچينج پروگرامز کي فروغ ڏئي سگهجي، ??رق??، فني تربيت، زبان جي ڪورسز، SEZs جي ??رق?? ۾ چيني تجربي جي حصيداري بامعنيٰ ماڻهن کان ماڻهن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ ??ڪ پليٽ فارم فراهم ڪري اهو ايم او يو چ??ن صنعتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ چيني دانشوراڻي تعاون جي ذريعي SEZs جي ??رق?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ۾ مقامي صنعتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سي پيڪ جي افرادي قوت جي هڪجهڙائي کي وڌيڪ وڌايو ۽ سي پيڪ صنعتي تعاون جي ذريعي تصور ڪيل چيني صنعتي چرپر کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ??نرمند ليبر جي ضرورتن جي حمايت ڪئي. ڇهين ??فاهمت جي يادا??ت تي (ايم ايل ون) پراجيڪٽ کي فروغ ڏيڻ تي فني ڪميٽين جي 21 هين ڪانفرنس جي منٽس جي اعلان تي صحيحون ڪيون ويون. ايم ايل ون منصوبو، سي پيڪ جو هڪ اهم عنصر، پاڪستان جي چرپر جي نظام کي تبديل ڪرڻ جو واعدو رکي ٿو.