اسلام ??باد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2 بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موج?? صدر بورڊ آف انويسٽمنٽ (ترميمي) بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل جو مقصد بورڊ آف انويسٽمنٽ آرڊيننس 2001ع ۾ ترميم ??رڻ آهي. صدر پاڪستان جنرل ڪاسميٽڪس بل 2023ع جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي، بل جو مقصد ڪاسميٽڪس جي خريد ۽ وڪري، معيار، پيڪنگ، تياري، اسٽوريج ۽ ورڇ کي ريگيوليٽ ??رڻ آهي. صدر بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.