اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي ??ائد ميان نواز شريف جي ترقياتي منصوبن جون تصويرون ۽ 9 مئي تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل تباهي جون تصويرون شيئر ڪندي چيو آهي ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ??ري رهيو هو، عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حس??ب ڏيو. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم راولپندي سڪسٿ روڊ ميٽرو بس ا??ٽي??ن جي ??راڻي ۽ نئين تصوير شيئر ڪئي، هڪ تصوير ۾ مسلم ليگ (ن) جي ??ائد ميان نواز شريف کي ان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني پئي وئي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ انهي منصوبي کي پي ٽي آءِ پاران باهه لڳائڻ کانپوءِ تباهي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ??وئيٽ ۾ چيو ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ??ري رهيو آهي ۽ ان ميٽرو بس ا??ٽي??ن کي پي ٽي آءِ تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ??وئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران نيازي جو هڪ ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو ۽ ان ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو، جاچ ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حس??ب ڏيو.