اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي آفيس شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي تي مرڪوز آهي. پرڏي??ي آفيس جي ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽريز جي 18 هين اجلاس ۾ قومي سلامتي ڊويزن جي سيڪريٽري انجنيئر عامر حسن جي قيادت ۾ پاڪستاني ??فد زوم لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ج?? لعنت تي ڳالهائيندي عامر حسين دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ج?? خلاف جنگ ۾ پاڪستاني عوام جي لازوال قربانين تي روشني ??ڌي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي تي مرڪوز آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.