اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ۾ جلد فيصلا ڪرڻ ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي ??رو??ت آهي، پاڪستا?? جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۾ هڪ وڏو قدم پنهنجي معيشت کي سڌوسنئون بهتر بڻائڻ ۽ عوامي خدمت?? جي فراهمي ۾ اڳڀرائي جي لاءِ اهم آهي، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي انقلابي دنيا ۾ ڪاروبار جا جديد رستا ڳولي سگهجن ٿا. ايوان صدر جي پريس ون?? موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ”عوامي ڀلائي بابت ڊيجيٽل سسٽم: ڪمزوريون ۽ تدارڪ??? ج?? موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ کي آنل ا??ين بئنڪنگ سميت عوامي خدمت?? جي فراهمي جي شعبن ۾ ڊيجيٽلائيزيشن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ”مڪمل ٿروٽل ايڪسلريشن??? ج?? ??رو??ت آهي. قوم جي صلاحيت کي ساراهيندي هن چيو ته عوام سو?? جي کاڻ آهي جنهن تي هي ملڪ بيٺل آهي. هن چيو ته فن ٽيڪ (مالي ٽيڪنالاجي) ۽ مصنوعي ذهانت بابت علم سيکارڻ ترقي جي لاءِ محرڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته سکڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ برتري حاصل ڪرڻ اولين اهميت رکندڙ آهي. ان سلسلي ۾ هن متنوع علائقن ۾ ڊيجيٽلائيزيش?? جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻبابت فڪري نظرين ۽ شروعاتي فيصلن تي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڊيجيٽلائيزيشن کانسواءِ ڌرين کي آن لا??ين فراڊ کان بچائڻ جي لاءِ رهنمائي ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. هن چيو ته فراڊ کان مڪمل طور تي بچي نه ٿو سگهجي جڏهن ته خدمت?? جي فراهمي ۾ ان جو تناسب اهم آهي. هن ٽارگيٽيڊ ميسيجنگ سميت مسلسل ڪوشش?? جي ذريعي آن لا??ين فراد ۽ دوکيبازي کي ڪنٽرول ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي روڪٿام بابت 130 ملين ٽارگيٽ سيلولر ٽيڪسٽس ڪهڙي طرح موثر طريقي سان عام ماڻهن ۾ هڪ موثر پيغام پهچايو. صدر چيو ته ماڻهو اڳ ۾ ئي سيل فون ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري چڪا آهن، هاڻي انهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي فائدن بابت رهنمائي ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. هن چيو ته وڏي عمر جا ماڻهو آن لا??ين فراڊ جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا، انهن کي ان بابت تعليم ڏيڻ جي ??رو??ت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوويڊ 19 وبائي مرض جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪهڙي طرح قوم کي اي لرننگ ۽ مختلف آن لا??ين منصوبن طرف راغب ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستا?? جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد سهيل جواد 2012ع کان 2022ع جي عرصي جي لاءِ جديد بئنڪنگ سسٽم جي ڀيٽ پيش ڪئي. هن ٻڌايو ته 2012ع ۾ رڳو 1.4 ملين صارفين ڊيجيٽل بئنڪنگ جو استعمال ڪيو جڏهن ته 2022ع ۾ انهن جو انگ وڌي 12.4 ملين ٿي ويو. هن چيو ته 2022ع ۾ اٽڪل 11 ٽريلين رپي?? جي ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون ۽ 2012ع ۾ 12 ملين مان وڌي 2022ع ۾ 141 ملين تا??ين ٽرانزيڪشنز ٿيون. هن ٻڌايو ته اي ٽي ايمز جو انگ 5500 کمان وڌي 17000 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ 5 ڊيجيٽل بئنڪنگ کي اين او سي جاري ڪئي آهي. پاڪستا?? جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي ڊيجيٽلائيزيش?? جي باوجود ڳوٺاڻن علائقن جا ماڻهو ڊيجيٽل بئنڪنگ جي خدمتن کان محروم آهن ۽ اهي ڊيجيٽل بئنڪنگ فراڊ کان آگاهه نه هئا. هن چيو ته صارفين آن لا??ين فراڊ جو شڪار ٿيڻ کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي ذاتي بئنڪنگ جي معلومات ٽيليفون تي شيئر نه ڪن. هن ٻڌايو ته بئنڪنگ محتسب آف پاڪستا?? جي قيام کان هيستا??ين شڪايت ڪندڙن کي 5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو آهي. پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيش?? جي سيڪريٽري جنرل توفيق حسين چيو ته مالياتي شموليت جي هڪ ٽول جي طور تي ڊيجيٽل بئنڪنگ مالياتي شعبي جو هڪ لازمي حصو بڻجي چڪي آهي ۽ اهو روايتي بئنڪنگ کان بلڪل مختلف آهي.