اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري ميمبر ايگريمينٽ (ٽيفا) ڪائونسل جو نائون ا??لاس هن وقت واشنگٽن ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ٽيفا ڪائونسل جي اجلاس جي گ??يل صدارت وفاقي وارو وزير سيد نويد قمر ۽ آمريڪي واپاري نمائندو ڪيٿرين تائي ڪئي. ٽيفا ٻنهي ملڪن کي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ آمريڪي مارڪيٽ تائين پاڪستاني برآمدات جي پهچ جي ڳولا به شامل آهي. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ ڌريون واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي تعاون ۾ گذريل سال ٿيندڙ ٽيفا انٽر سيشن ا??لاس کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي طريقي سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. هن چيو ته اڄ جو ٽيفا ڪائونسل جو ا??لاس هن سال آمريڪا سان ا??ليٰ سطحي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. ترجمان چيو ته اهو تعاون جي وسيع البنياد ٻطر??ي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مثبت رفتار وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين واڳيل اهميت جي نشاندهي ڪري ٿو. آمريڪا پاڪستان ٽيفا ڪائونسل جو آخري اجلاس 2016ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو.