انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته پاڪستاني ??وام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر زلزلي جي تباهين ۽ انساني ??انين جي زيان جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي، ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين پاڪستان جي عوام سک سان نه ويهندي جڏهن ته ترڪ??ه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان پاران زلزلي متاثرين جي مدد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ??ه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. انقره ۾ صدارتي ڪمپليڪس پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ترڪ??ه جي صدر سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي نقصان تي ترڪ??ه جي صدر ۽ ترڪ قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. 6 فيبروري تي ترڪ??ه جي مختلف علائقن کي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ??وام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ان وقت تائين آرام سان نه ويهندي جيستائين زلزلي کان متاثر علائقن ۾ آخري شخص جي مڪمل بحالي نٿي ٿي وڃي. صدر اردوان تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيءَ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته پرعزم ترڪ قوم هن قدرتي آفت مان اڳ کان وڌيڪ طاقت ۽ عزم سان نڪرندي. وزيراعظم ترڪيه ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار لاءِ خصوصي طو?? تي ترڪ??ه جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي موجود پاڪستاني ??يسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ آهن.