اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تخت بيگ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، دهشتگرد، انهن جا سرپرست ۽ سهولتڪار سزا کان بچي نه ٿا سگهن، بهادر پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين ??يش ڪريان ٿو. هن چيو ته پوليس جي جوانن جي وطن جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. بلاول ڀٽو زرداري شهيد پوليس اهلڪارن جي خاندانن سان ه??دردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.